گوبند پنجابي

گوبند پنجابي

گوبند پنجابي

گوبند پنجابي: سنڌي ٻوليءَ جي جديد ترقي پسند ڪھاڻيڪار، گوبند پنجابيءَ جو جنم، 17 ڊسمبر 1918ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس وڏا پھرين ديري اسماعيل خان ۽ پوءِ بلوچستان جي ڀاڳ شھر مان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهيا هئا، تنھنڪري کين پنجابي سڏيو ويو. 1924ع ڌاري ابتدائي تعليم لاءِ سندس والد کيس هڪ ’اوجهي‘ ۾ ويھاريو. ’اوجها‘ شڪارپوري هندن جا قائم ڪيل هئا، جتي ڌرمي ۽ واپاري تعليم ڏني ويندي هئي. ان کان پوءِ هو سناتن ڌرم سڀا ۽ ’پريتم ڌرم سڀا‘ جي اسڪولن مان پرائمري جي تعليم مڪمل ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ پڙهائي ڇڏي دڪان تي اچي ويٺو. ڪجهه عرصو ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به رهيو، جتي سندن والد جون جايون ورتل هيون. ڪانگريس جي هلچل دوران سوامي انگديو جي صحبت ۾ سوشلزم بابت ڪتابن جي مطالعي ۽ سماج جي نئين شعور گوبند پنجابيءَ ۾ لکڻ جو جذبو پيدا ڪيو. ڪارل مارڪس، اسٽالن، لينن، گورڪي، شاهه لطيف، منشي پريم چند، راهول سانڪرتياين، بشپال ۽ ٽالسٽاءِ جي مطالعي کان پوءِ هن خود به لکڻ شروع ڪيو. سندس ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب ’سرد آهون‘ 1940ع ۾ شايع ٿيو. ساڳئي سال شڪارپور ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر کوليو، 1942ع ۾ ڪراچي اندر ’انڊيا پرنٽنگ پريس‘ خريد ڪري هلايائين، ڪتاب گهر ۽ پريس وسيلي ڪيترائي ترقي پسند ادب جا ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪا ڪتاب شايع ڪيا، جھڙوڪ: سوويت روس، غريبي، زويا، لينن ۽ اسٽالن وغيره. هن ترقي پسند ادب بابت مضمون ۽ ڪتاب به لکيا، جن ۾ ’مارڪسواد ڇا آهي‘، ’سوويت ديس جا عام لوڪ‘، ’جنگ يا امن‘، ’روس جي پرولتاري سوڀ‘، ’سماجواد‘، ’سنڌي ليکڪ‘ ۽ ’سجاڳيءَ جو سڏ‘ شامل آهن. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ لڏي ويو، جتي روزگار سان گڏ لکڻ به جاري رکيو. ”سنڌي ساهت منڊل“ جي ادبي ڪلاسن ۾، منگهارام ملڪاڻي ۽ گوبند مالهيءَ جي اتساهيندڙ تنقيد سان نون پراڻن ليکڪن وري لکڻ شروع ڪيو. ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اتم، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، ڪرشن راهي، موهن ڪلپنا ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ سان گڏ گوبند پنجابي پڻ هنن ادبي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. گوبند پنجابيءَ لڳ ڀڳ 150 ڪھاڻيون لکيون، جيڪي مختلف مخزنن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”سورج مکي“ 1960ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته سندس ڪھاڻين جو ٽيون مجموعو نئين دنيا پبلشرز ممبئيءَ پاران ”هوءَ موٽي آئي“ عنوان سان جولاءِ 1980ع ۾ شايع ٿيو. گوبند پنجابيءَ مشھور سوويت ليکڪ دوستو وسڪيءَ جي 100 سالا ورسيءَ جي موقعي تي ماسڪو پروگريسو پبلشرز پاران سندس ڇپيل ناول (هندي ترجمي) ”رجت راتين“ جو ”چاندني راتيون“ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ناول، نئين دنيا پبلشرس، بمبئيءَ پاران جون 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ان تي کيس ’سوويت لئنڊ نھرو اوارڊ‘ دهليءَ ۾ مليو. ان کانسواءِ اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ساهت سڀا پڻ کيس 2001ع ۾ اوارڊ ڏنو. هن 1989ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي يادن تي مشتمل سفرنامو به لکيو، جيڪو ماهوار ”امرتا“ ۾ قسطوار ڇپيو. 13 آگسٽ 2009ع تي، برين هيمرج سبب ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ گوبند پنجابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.12.17  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي جديد ترقي پسند ڪھاڻيڪار، گوبند پنجابيءَ جو جنم، 17 ڊسمبر 1918ع تي شڪارپور ۾ ٿيو.


2009.08.13  عيسوي

گوبند پنجابي13 آگسٽ 2009ع تي، برين هيمرج سبب ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد آخوند
چيتن ماڙيوالا
عبدالحق عظيم
نذير احمد چنا
عبدالحليم شرر
عبدالحق مولوي
صديق سالڪ برگيڊيئر
پنجواڻي رام پروفيسر
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
شبير احمد مخدوم
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون